جهلم (Jhelum)

جهلم (Jhelum)

جهلم (Jhelum)

جهلم (Jhelum): پاڪستان جو هڪ شهر، جيڪو جهلم نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. جهلم نديءَ جي ٻئي پاسي پراڻو شهر چوٿين صدي ق. م ۾ سڪندراعظم جو قائم ڪيل به واقع آهي. ڪنهن دؤر ۾ هيءُ شهر لوڻ جي واپار جو مرڪز هو، پر هاڻي ڪاٺ جي مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي. شهر جي صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل مِلون، آرا، نيوز پرنٽ پلانٽ، شيشي ۽ سگريٽن جون فيڪٽريون شامل آهن. 1867ع ۾ هن شهر کي ميونسپلٽيءَ جو درجو مليو. شهر ۾ قائم ڪيترائي سرڪاري ڪاليج پنجاب يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو